اسلام آباد – 28 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سنڌ خاص طور تي ڪراچي جي عوام جي ترقياتي ضرورتن ۽ درپيش مسئلن جو مڪمل پتو آهي ۽ وفاقي حڪومت ان حوالي سا?? پنهنجو ڪردار ادا ڪندي، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان ??وجب اهڙن خيالن جو اظهار ه?? پنهنجي صدارت ۾ ڪراچي ۾ وفاقي حڪومت طرفان ??ختلف ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي جو جائزي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسد عمر، مراد سعيد ۽ سينئر آفيسر شريڪ ٿيا ۽ سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل ڪراچي مان ??ڊيو ل??ڪ جي ذريعي شريڪ ٿيو، اجلاس ۾ سنڌ صوبي ۽ ڪراچي ۾ وفاقي حڪومت جي ترقياتي منصوبن تي هيستائين ٿيندڙ اڳڀرائي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. سنڌ جي گورنر وزيراعظم کي ڪراچي جي تازه ترين صورتحال جي باري ۾بريف ڪيو.