اسلام آباد – 12 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عالمي اڳواڻن، گڏ??ل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ عالمي مالياتي ادارن ??ي سربراهن کي اپيل ڪئي آهي ??ه ڪورونا وائرس جي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان سميت اسرندڙ ملڪن کي قرضن ۾ رليف فراهم ڪن. عالمي برادري کي پنهنجي خطاب ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ??ه ڪورونا جي صورتحال سان پ??ري دنيا متاثر ٿي آهي پر ترقي يافته ۽ ترقي پذير ملڪن ۾ ان حوالي سان جدا ردعمل آيو آهي، ترقي يافته ملڪن وٽ وسيلن ۽ پئسي جي کوٽ نه آهي ۽ اهي وڏي رقم خرچ ڪري صورتحال جو مقابلو ڪر?? رهيا آهن پر اسرندڙ ملڪن ۾ لاڪ ڊائون ۽ معاشي سرگرميون نه ٿيڻ سان عوام کي بک ۽ سخت معاشي مسئلا درپيش آهن.