اسلام آباد – 07 اپريل (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجر??ڻي مختلف ملڪن ۾ ڪرونا وائرس جي وبا سا?? وڏي انگ ۾ فوتگين تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته گڏيل ڪوششن سا?? ان وبا تي ضابطو آڻي وٺنداسين. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجر??ڻي يورپي حڪومتي سربراهن، عمان جي شوريٰ ڪائونسل جي اسپيڪر ۽ چين جي عالمي ترقي ج?? وزير کي خط لکيا آهن جن ۾ ڪرونا وائرس سبب ٿيندڙ فوتگين تي پاڪستان جي پارليامينٽ پاران گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ويو آهي ۽ پاڪستان پاران هر قسم جي معاونت جي آڇ ڪئي وئي آهي.