اسلام آباد – 05 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان مصر سان ڀائراڻي لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، دفاع ?? ثقافت جي شعبن ۾ رابطن کي سگ??ه ڏيڻ جو خواهشمند آهي، هن اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ۾ مصر جي س??ير احمد فضل محمد يعقوب سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن صدر سان الوداعي ملاقات ڪئي.