اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آه?? ته قائداعظم پاڪستان ٺهڻ کان ٽي ڏينهن اڳ ۾ ئي ان جو ??عل??ن ڪري ڇڏيو هو، پاڪستان ۾ رهندڙ سڀ پاڪستاني آهن کڻي اهي ڪهڙي صوبي يا ??ذهب سان لاڳاپو رکندا هجن، پاڪستان جو اصل مطلب اهو ئي آهي، ڀارت ۾ جيڪي حالتون آهن انهن ٻه قومي نظريي کي وڌيڪ پختو ڪري ڇڏيو آهي، ٻارن کي ٻڌائڻ گهرج?? ته پاڪستان ڪهڙي مقصد لاءِ ٺهيو هو، اسان کي اسڪولن ۽ تربيت ۾ اهو شامل ڪرڻ گهرج?? ته پاڪستان ۾ رهندڙ سڀ برابر آهن، اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ قائداعظم جي جنم ڏهاڙي جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.