گوجرانوالا – 07 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق ا????اڻ چيو آهي ته ڪرپشن ملڪي ترقي جي راهه ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهي، وزيراعظم جنهن بدعنواني جي ناسُور کي پاڙ کان پٽڻ جو عزم ڪيو آهي ان ۾ هٿ وڌو آهي، ملڪ ان لعنت کان پاڪ ٿي وين??و ۽ ملڪ ۾ حقيقي تبديلي ايندي. اهڙن خ??الن جو اظهار هن ريجنل پوليس آفيس گوجرانوالا ۾ پوليس سڌارن جي حوالي سان منعقد تقريب کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو.