اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان هنگري سان پنهنجي لاڳا??ن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي ۽ يورپي يونين جي سطح تي رابطن ک?? فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفو واپار ??قيقي صلاحيت کان گهٽ آهي، پاڪستان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪاسائي ڀارتي حڪومت جي هٿان انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين تي ڪڏهن خاموش نه رهندو ۽ اسان کي ڪشميري ڀائرن جو ساٿ ڏيڻو پوندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار هنگري لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير محمد اعجاز سان ڳالهائيندي ڪيو ??نه?? ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.