اسلام آباد – 29 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اط??اع??ت ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ حڪومت معاشري جي ڪمزور ۽ نظرانداز طبقن جي فلاح لاءِ پرعزم آهي، عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ زندگي جي مختلف شعبن ۾ نوجوانن کي ترقي جا موقعا فراهم ڪرڻ به حڪومت جي ترجيحن جو حصو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ يورپي يونين جي سفي?? ا??نڊرو??ا ڪمينارا سان ڳالهائيندي ڪيو.