اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان هر فورم تي ڪشميرين جي سچي وڪيل ۽ دلير سفير جو حق ادا ڪيو، مودي جا 5 آگسٽ 2019ع جا قدم مذمت جوڳ?? آهن جنهن ۾ ڪشمير جي حيثيت جو خاتمو ڪر?? لاڪ ڊائون لڳائي 80 لک ڪشميرين کي والاريل وادي ۾ بند ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ان کانپوءِ ڪورونا وائرس جي وبا جي دوران به وڌيڪ سختيون ڪيون ويون، ڪ??ميرين کي ظلمن جو نشانو بڻائي انساني حقن جون خلاف ورزيون ڪيون ويون. اهي سمورا قدم مذمت جوڳ?? آهن جنهن کي پاڪستان پوري دنيا ۾ بي نقاب ڪيو. استحصال ڪشمير ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي بيان ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم عمران خان هر پليٽ فارم تي ڪشمير مسئلي کي اجاگر ڪيو ۽ ڪشمير ۾ مودي جا ظلم ۽ ستم دنيا جي سامهون رکيا. ??اه?? اهو گڏيل قومن جو فورم هجي يا او آءِ سي هجي يا ??اه?? اها ان وقت جي آمريڪي صدر ٽرمپ سان ملاقات هجي، وزيراعظم عمران خان هر سطح تي ڪشميرين جي سچي وڪيل ۽ دلير سفير هجڻ جو حق ادا ڪيو. ڀارت جي غير قانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪشميرين جي آزادي ج?? لاءِ پرامن جدوجهد آهي، حريت اڳواڻن جون بي پ??اه?? قربانيون آهن، برهان واني جهڙن ڪشمير جي شهيدن ڪشمير جي آزاد?? لاءِ پنهنجي جانين جون قربانيون ڏنيون ۽ حريت اڳواڻن تڪليفون برداشت ڪيون آهن، هن چيو ته هزارين ڪشميرين پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪي?? آهن، ڪ??ميرين جي پرامن حمايت جاري رکنداسين ۽ اسان جو اهو دنيا کان مطالبو آهي ته هو مودي جي آر ايس ايس جي انتهاپسنداڻي سوچ جي کلي مذمت ڪري ۽ گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. پاڪستان به هر سطح تي ڪشميرين ج?? لاءِ آواز بلند ڪندو رهندو، جيستائين ڀارت 5 آگسٽ 2019ع جي قدمن کي وا??س نٿو وٺي تيستائين مودي سرڪار سان ڪنهن به قسم جي ڪا به ڳالهه ٻولهه نٿي ٿي سگهي.