اسلام آباد – 02 جون (اي پي پي) اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي ملڪن جي پا??لياماني اسيمبلي جي ٻي ڪانفرنس جو ”اسلام آباد پڌرنامو“ جاري ڪيو ويو جنهن ۾ محڪوم ڪشميري ۽ فلسطيني عوام سان يڪجهتي ??و اظهار ڪندي بنيادي انساني حقن جي خلاف ورزين جي مذمت ڪئي آهي جڏهن ته هڪطرفي اقتصادي پا??ندين ۽ علائقائي حدن کان مٿانهين سياسي دٻاءُ کي هٿيار طور استعمال کي گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي ق??نو??ن جي خلاف ورزي قرار ڏيندي ان کان متاثر اي سي او ميمبر ملڪن کي مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي وئي آهي. علائقائي واپار ۽ رابطن جو فروغ تي ??اري ٿيندڙ اسلام آباد پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته پا??يڪو جي پا??ليامينٽن جي سربراهن (اسپيڪر چيئرپرسنز صدرن) اسلام آباد ۾ پهرين کان 2 جون 2021ع تي ??سلامي جمهوريه پاڪستان جي قومي اسيمبلي جي ميزباني ۾ پا??يڪو جي ٻي جنرل ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي، ان دوران اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي وسيع البنياد مقصدن جي حمايت جي لاءِ پا??يڪو جي اهميت تي ??ور ڏنو جنهن جو مقصد ميمبر رياستن جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي کي فروغ ڏيڻ آهي.