اسلام آباد – 08 – مئي (اي پي پي) صدر ??اڪٽر عارف علوي آئين جي آرٽيڪل 89 تحت اليڪشن (ٻيون ترميمي) آرڊيننس 2021ع جاري ڪري ڇڏيو. اليڪشن ايڪٽ 2017ع جي سيڪشن (1) 94 ۽ سيڪشن 103 ۾ ترميم ڪئي وئي. سيڪشن (1) 94 تحت سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏنو ??يو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيا?? موجب آرڊيننس تحت اليڪشن ڪميشن نادرا يا ڪنهن ٻي اٿارٽي يا ايجنسي جي فني مدد سان عام چ??نڊن ۾ سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ وجهڻ جي قابل بڻائيندي.