اسلام آباد – 12 فيبروري (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 33 فوتگيون ٿيون جنهن مان 17 وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب پنجاب کان پوءِ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ?? ڪورونا جا هڪ ه??ار 270 ماڻهن جا ٽيسٽ پ??زيٽو آيا ۽ 33 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا جن مان 29 ماڻهو اسپتالن ۾ ۽ 4 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران فوت ٿيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 37 سيڪڙو، لاهور ۾ 35 سيڪڙو، پشاور 25 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 26 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 39 سيڪڙو، ملتان ۾ 23 سيڪڙو، ڪراچي ۾ 23 سيڪڙو ۽ گجرات ۾ 61 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 21 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 35 ه??ار 280 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 10 ه??ار 846، پنجاب ۾ 11 ه??ار 273، خيبرپختونخواهه ۾ 6 ه??ار 280، اسلام آباد ۾ 5 ه??ار 397، بلوچستان ۾ 595، گ??گت بلتستان ۾ 375، آزاد ڪشمير ۾ 514 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ?? ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 5 لک 18 ه??ار 164 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ?? ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ?? ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 261 مريض آهن. سڄي ملڪ ?? ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 29 ه??ار 981 آهي. سڄي ملڪ ?? ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 5 لک 60 ه??ار 363 آهي .