اسلام آباد – 02 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اسمگلنگ ۾ ملوث عنصرن خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت ڪئي آ??ي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت ۾ اسمگلنگ جي خاتمي جي لاءِ حڪومتي قدمن جي ح??الي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ??سمگلڊ تيل جي وڪري سبب معيشت کي 100 کان 150 ارب رپيا ساليانو نقصان ٿي رهيو آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هن وقت ملڪ ۾ 2094 پيٽرول پمپس اسمگلڊ تيل جي وڪري ۾ ملوث آهن. وزيراعظم چيو ته ??سمگلنگ جي ڪري ملڪي معيشت کي ناقابل تلافي نقصان پهچي رهيو آهي.