اسلام آباد – 10 نومبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي مثبت ڪيسز ۽ فوتگين جي وڌندڙ شرح تي عوام کي اپيل ڪئي آهي ته ڪوويڊ 19 موذي مرض آهي، ماسڪ جو استعمال ۽ ايس او پيز تي مڪمل عمل ڪري ان وبا کي شڪست ڏئي سگهجي ٿي، روزگار ۽ ڪاروباري معاملن کانسواءِ ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ جو سبب بڻجندڙ شعبن تي مرحليوار پابنديون لڳايون وينديون، حڪومت به ان دور??ن ڪو عوامي ميڙ منعقد نه ڪندي، وفاقي ڪابينا غريب ۽ وچين طبقي کي به??ر رليف ڏيڻ جي لاءِ 4 ٽريلين جي سبسڊي کي معقول بڻائيندي ٽارگيٽڊ سبسڊي متعارف ڪرائڻ، ڪڻڪ جي ايندڙ فصل جي امدادي قيمت 1650 رپيا في مڻ ٻوري مقرر ڪرڻ ۽ سعودي عرب حڪومت پاران تجويز ڪيل ڊيجيٽل ڪوآپريشن آرگنائيزيشن قائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪابينا کي اوڳاڙين واري خاص معاون ڊاڪٽر وقار مسعود ڪابينا کي سبسڊي ?? گرانٽس جي طريقيڪار کي معقول بڻائڻ بابت تفصيلي بريفنگ ڏني.