اسلام آباد – 27 آڪٽ??بر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا فرانسيسي صدر پاران مسلما??ن جا جذبا مجروح ڪرڻ جي سخت مذمت ڪئي آهي ۽ خاتم النبين حضور صه جي شان اقدس جي حوالي سان گستاخانا خاڪن ?? ان سان مسلما??ن جي جذبن کي پهچندڙ ٺيس جو سخت نوٽيس وٺندي چيو آهي ته ڪنهن به مسلمان جي لاءِ نبي ڪريم صه جي شان اقدس ۾ گستاخي ناقابل برداشت ۽ ناقابل قبول آهي. ڪابينا ان ڳالهه کي ورجايو ته گستاخانا خاڪن جي حوالي سان هر ميسر فورم کي استعمال ڪندي مسلما??ن جي جذبن جي ترجماني ڀرپور انداز س??ن ڪئي ويندي. ان حوالي سان او آءِ سي جي پليٽ فارم کي استعمال ڪندي عالمي دنيا تائين پاڪستاني قوم ۽ مسلمان امت جا خدشا پهچايا ويندا. وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيو.