ڪريم ڏنو راهمون
ڪمائڻ جي جستجو هُجي ته سهُولتن ??ي اڻهوند به رڪاوٽ نٿي بڻجي سگهي، ٿر واسين برسات بعد خيما بستين کان ??وءِ خيما مارڪيٽُون قائم ڪري ٿر جي رو??يتي ڀاڄيون ۽ ميون جو وڪرو شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ رستن تي قائم ٿيل خيما مارڪيٽون سياحن جي خريداري جا اهم مرڪز بڻيل آهن، جڏهن ته بجلي، گئس ۽ عمارتن کان سواءِ قائم ٿيل اهي مارڪيٽُون ملڪ ۾ پنهنجي طرز جُون منفرد مارڪيٽُون آهن، ٿر جي وڏي خيما مارڪيٽ مٺي شهر جي ويجهو نئوڪوٽ بدين بائي پاس روڊ ڦانگهاريو اسٽاپ تي قائم ڪئي وئي آهي، جتي 15 کان 20 دوڪان ??ائم ڪيا ويا آهن، جتان رو??انو ٿر گهمڻ ايندڙ سوين سياح اتان ??نهنجي لاءِ ٿر جُون رو??يتي ڀاڄيُون ۽ ميوا کُنڀي، مريئڙو، لُلِر، چڀڙ، گدريُون، ڇانهيُون، ريڀڙِيُون، ميها، پِپُون، ڪوڍير ۽ گوار واپسي تي پنهنجي گهر لاءِ وٺي وڃن ٿا
جڏهن ته خيما مارڪيٽن کان سواءِ هڪ هڪ خيمي جا دُڪان ??ڻ هر هنڌ ڏسڻ ۾ ايندا ??هن، جڏهن ته بارشن وانگر اهي خيما مارڪيٽُون به سانوڻ جي رُت ۾ قائم ٿينديُون آهن، ٿر جون ڀاڄيون سياح توڙي ٿر جا رهواسي وڏي شوق سان کائيندا ??هن ۽ سنڌ جي مختلف علائقن سميت پوري ملڪ ۾ رهندڙ مٽن مائٽن ۽ دوستن کي تحفي طور به موڪليندا ??هن، جنهن مان ??زدور طبقي کي سٺي ڪمائي ملي پوندي آهي ۽ ٿر ۾ برسات کان ??يندڙ ڀاڄيون غريب ماڻهن جي رو??گار جو وڏو ذريعو آهن، ٿر ۾ برسات تي ٿيندڙ قدرتي ڀاڄيُون سڀ کان ??هانگي وڪرو ٿين ٿيُون ۽ ان ??ان ??ر طبقي جو ماڻهُو لاڀ پرائي ٿو، ڌنار مال چارڻ سان گڏوگڏ کُنڀيُون، مريئڙو، لُلِر، چڀڙ، گدريُون، ڇانهيُون، ريڀڙِيُون، ميها، پِپُون، ڪوڍير ۽ گوار پڻ چونڊي اچي انهن دُڪانن تي وڪرو ڪن ٿا جٿي وري دڪاندار انهن کي سجائي سياحن کي وڪرو ڪن ٿا
شروع ۾ پنج سو کان ست سو روپيا ڪلو جي حساب سان ??ڪرو ٿيندي آهي ۽ بعد ۾ ٻه سو کان ??ي سو روپين ۾ وڪرو ٿيندي آهي۔ ان کان سوا۽ ٻيون ڀاڄيون به سو کان ??ه سو روپين تائين وڪرو ٿينديون آهن، ٿر ۾ برسات تي ٿيندڙ ڀاڄيون ٿرواسي پُورو سال سنڀالي رکندا ??هن ۽ مشڪل وقت ۾ استعمال ڪندا ??هن. خيما مارڪيٽ ۾ سهولتن ??ي اڻهوند باوجود رو??انو تازيون ڀاڄيون وڪرو ٿين ٿيون.
اي پي پي سان ڳالهائيندي پيارو خان بجير چيو ته ٿر ۾ برسات تي ٿيندڙ ڀاڄين مان سڀ کان ??ڌيڪ کنڀيون وڪرو ٿينديون آهن، جيڪي سڀني ڀاڄين کان ??ڌيڪ مهانگيون آهن، شروع شروع ۾ پنج سو کان ست سو تائين وڪرو ٿينديون آهن، جيڪي اسان ??هراڙي جي ماڻهن کان اندازي تي چار سو روپيا ڪلو جي حساب سان ??ٺندا ??هيون، پوءِ اهي کنڀيون وڌيڪ ٿيڻ جي صورت ۾ گهٽ اگهه ۾ وٺندا ۽ وڪرو ڪندا ??هيون، کنڀيون هتان کان ??ڻن جي حساب سان گهوٽڪي، جيڪب آباد، سکر، دادو، حيدرآباد، مورو لاڙڪاڻو ۽ ٻين شهرن ڏانهن واپاري وٺي کڻي ويندا ??هن، جنهن سان اسان جو سٺو رو??گار ٿيندو آهي، جيڪڏهن برسات سراسر هوندي آهي ته ٻن مهينن تائين سٺو ڪاروبار هلندو آهي، جيڪڏهن برسات گهٽ هوندي آهي ته پندرنهن کان ??يهه ڏينهن مس هلندو آهي۔ جڏهن ته هڪ ٻئي ڀاڄيون وڪرو ڪندڙ سوائي ڀيل چيو ته ٿر ۾ برسات تي ٿيندڙ ڀاڄيون کنڀي، للر، مريئڙو، پپون، گوار، چڀڙ، گدريون ۽ ميها سٺي اگهه ۾ وڪرو ٿين ٿا، جنهن مان اسان جو سٺو گذران ??يندو آهي، هن چيو ته شروع ۾ ٿر جون ڀاڄيون کنڀي کان سوا۽ ٻيون هڪ کان ڏيڍ سو روپيا جي حساب سان ??ٺندا ??هيون ۽ ٻه سو تائين وڪرو ڪندا ??هيون، ٿر جي ماڻهن سميت ٿر گهمڻ ايندڙ تمام شوق سان ??ٺندا ??هن، هن چيو ته جيڪي ڀاڄيون بچي پونديون آهن، اهي تقريبن سڪي وينديون آهن، اسان رو??انو تازيون ڀاڄيون خريد ڪندا ??هيون، صرف گوار، چڀڙ، ميها ۽ گدريون ٻن ڏينهن تائين صحيح هونديون آهن جن کي اسان ??لاسٽڪ جي ڪٽن ۾ بند ڪري رکندا ??هيون. ٿر گهمڻ لا۽ ايندڙ ضلعي ٺٽي ??ي اسلم جت ۽ رمضان جت اي پي پي سان ڳالهائيندي چيو ته اسان ??ر سال ٿر گهمڻ آيا آهيون، برسات کان ??و۽ ٿر جا نظارا ڏسڻ وٽان ??وندا ??هن، اسان کي ڏاڍو مزو ايندو آهي، هنن چيو ته هي خيما مارڪيٽون رستي تي هجڻ جي ڪري خريداري ۾ آساني ٿي پئي آهي، اسان ??تان کان ??ر جون ڀاڄيون ۽ ميوا وٺي ٺٽو کڻي وڃي رهيا آهيُون جنهن مان اسان ??اڻ به شوق سان کائيندا ??هيون ۽ مٽن مائٽن سميت دوستن کي سوکڙي طور به ڏيندا ??هيون.