اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي ??ي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هو اڄ استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ آزاد ڄم??ن ۽ ڪشمير جي اسيمبلي کي خطاب ڪندو. ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته گذريل سال 5 آگسٽ جي غيرقانوني قدمن کانپوءِ ڪشميرين کي ڀارت جي هٿان ظالماڻي فوجي گهيراءُ درپيش آهي جڏهن ته و??لاريل واديءَ ۾ آبادي جي تناسب ۾ تبديلي جون ڪوششون پڻ جاري آهن. وزيراعظ?? چيو ته هندستان والاريل ڄم??ن ۽ ڪشمير تي غيرقانوني قبضي ذريعي جن ڪشميرين جو آواز دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي آئون بطور سفير انهن سڀني جو آواز بڻجندو رهندس.