اسلام آباد – 21 ا??ري?? (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته شفافيت کي يقين?? بڻائڻ حڪومت جي اهم ترج??ح آهي، آءِ پي پيز بابت رپورٽ ڪابينا اجلاس ۾ پيش ٿي، ڪابينا اها رپورٽ جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، قانون موجب ڪميشن آف انڪوائري جوڙي پئي وڃي، ڪميشن آف انڪوائري فارنزڪ يا وڌيڪ جاچ ڪرڻ جي مجاز هوندي، عوام جي ٽ??ڪس جو پئسو عوام جي امانت آهي ۽ اسان عوام آڏو جوابده آهيون. صحافين سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته آءِ پي پيز بابت رپورٽ ڪابينا اجلاس ۾ پيش ٿي، ڪابينا اها رپورٽ جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، قانون موجب ڪميشن آف انڪوائري جوڙي پئي وڃي، ڪميشن آف انڪوائري فارنزڪ يا وڌيڪ جاچ ڪرڻ جي مجاز هوندي، قانون جي خلاف ورزي ڪندڙن کي ڪا معافي نه هجڻ گهرجي، ڪميشن جي جاچ جي روشني ۾ ذميوارن جو تعين ٿيندو، اسان چاهيون ٿا ته ميڊيا ٽرائل بدران قانون موجب فيصلا ٿين.