اسلام آباد – 11 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چي?? آهي ته ڀارت انساني حقن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي تڪراري شهريت بل آڻي انساني حقن جي قانونن جون سرعام ڌڄيون اڏائي ڇڏيون، اهو قدم ڀارت ۾ رهندڙ اقليتن جي حقن تي فاشست مودي جي ڪاري ض??ب ۽ مسلمان دشمني جو چٽو ثبوت آهي، ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ پنهنجي ٽ??ئيٽ ۾ چي?? ته مودي سرڪار طرفان ڀارت کي انتهاپسند هندو رياست ۾ تبديل ڪرڻ جو عمل گانڌي جي نظريي کي دفن ۽ ??ائ??اعظم جي ٻه قومي نظريي جي سچائي تي مهر ثابت ڪرڻ آهي