اسلام آباد – 07 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي حڪومت مديني جي رياست جي نموني تي عمل ڪري رهي آهي، پاڪستان، ترڪي ?? ملائيشيا گڏيل ٽي وي چئنل قائم ڪندا، ٽي وي چئنلز جي قيام جو مقصد دنيا کي حقيقي اسلام جي چهري سان روشناس ڪرائڻ آهي، رس??ل پاڪ صه سان والهاڻي محبت ۽ عقيدت اسان جي ايمان جو بنيادي جز آهي، اسلام هڪ بهترين نظام زندگي آهي جنهن جو مقصد انسانيت جي ڀلائي آهي، سيرت پاڪ تي عمل ڪري ئي دنيا ۽ آخرت جي ڪاميابي ممڪن آهي، هو ريڊيو پاڪستان ۽ پاڪستان ٽيلي ويزن جي سهڪار سان عيد ميلادالنبي صه جي سلسلي ۾ ڪُل پاڪستاني نعتيه مقابلن ۾ نمايان پوزيشن حاصل ڪندڙ نعت خواهن ۾ انعام ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي.