اسلام آباد – 25 جولاءِ (اي پي پي( وفاقي ڪابينا اڳوڻن حڪمرانن جي نجي دورن ?? ڪيمپ آفيسز تي سرڪاري خزاني مان ٿيندڙ خرچ انهن کان وصول ڪرڻ جو فيصلو ڪندي پاسپورٽ مان ملازمت جو خانو ختم ڪرڻ، ٻٽي شهريت رکندڙ پاڪستانين کي اليڪشن جي عمل ۾ ڀرپور حصو وٺڻ ۽ چ????ڊن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت ڏيڻ ۽ ريگوليٽري ادارن کي ڪابينا ڊويزن جي ماتحت ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جڏهن ته وزيراعظم عمران خ??ن چيو آهي ته ملڪ جي ڪنهن علائقي ۾ اٽي جي قيمت ۾ اضافو نه ٿئي ۽ اٽي ۽ ڪڻڪ جي دستيابي جي صورتحال تي نظر رکي وڃي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته هٿرادو کوٽ پيدا نه ٿئي. وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم عمران خ??ن جي صدارت ۾ منعقد ٿيو.