اسلام آباد – 27 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پي ڊي ايم جي سمورن هدفن وانگر وزيراعظم جي خلاف ??دم اعتماد واري رٿ به بري طرح ناڪام ٿيندي، پي ڊي ايم ۾ شامل پارٽيون پ??هن??ي پ??هن??ي مفادن جي جنگ وڙهي رهيون آهن، سينيٽ اليڪشن جي لاءِ ڪجهه هفتا رهجي ويا آهن، اعليٰ عدليه کان رهنمائي ورتي آهي، جيڪڏهن ضرورت پئي ته آئيني ترميم به ڪري سگهون ٿا، مخالف ڌر پاران ٻن سالن ۾ وڌيڪ قرض وٺڻ جي پروپئگنڊه بي بنيا?? آهي، ٻن سالن ۾ ورتل ٻاهرئين قرضن مان 6 کرب ماضي جي قرض ۽ وياج جي مد ۾ ادا ڪيا ويا آهن، پارلياما??ي پارٽي ۾ سمورن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي آهي. هو پي ٽي آءِ جي پارلياما??ي پارٽي جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏئي رهيو هو.