اسلام آباد – 15 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ع??ام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ ??وگرا پاران پيٽروليم مصنوعات ۾ تجويز ڪيل اضافي جي تجويز رد ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب اوگرا پاران پيٽرول جي قيمت ۾ 14.07 روپيا، هاءِ ??سپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 13.16 روپيا، گاسليٽ جي قيمت ۾ 10.97 روپيا ۽ لائيٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 7.43 روپيا اضافو تجويز ڪيو ويو هو. عوامي ڀلائي ۽ ترقي کي نظر ۾ رکندي وزيراعظم پيٽروليم مصنوعات ۾ اضافي جي تجويز منظور نه ڪئي. وزيراعظم چيو ته حڪومت ع??ام کي رليف جي فراهمي لاءِ هر حد تائين ويندي.