اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ۽ نيا پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي چيئر??ين کي هدايت ڪئي آهي ته گهٽ آ??دني وارن ماڻهن کي قرضن جي فراهمي جو باقاعده جائزو ورتو وڃي ۽ ان عمل ۾ ڪنهن به پيش ايندڙ رڪاوٽ کي ترجيحي بنيادن تي ختم ڪيو وڃي، راوي اربن ڊولپمينٽ منصوبو لاهور شهر جا مسئلا حل ڪرڻ ۽ معاشي سرگر??ين جي فروغ ۾ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار هائوسنگ، ڪنسٽرڪشن ۽ ڊولپمينٽ بابت نيشنل ڪوآرڊيني??ن ڪميٽي جي هفتيوار اجلاس جي صدارت ڪ??دي ڪيو. اجلاس ۾ ملڪ ۾ جاري تعميراتي سرگرمين، بئنڪن پاران ڊولپرز، سيڙپڪارن ۽ خاص ڪري گهٽ آ??دني وارن ماڻهن کي ذاتي گهر جي تعمير جي لاءِ آسان قرضن جي فراهمي ۽ تعميرات بابت ٻين معاملن جو جائزو ورتو ويو. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر اجلاس کي ٻڌايو ته حڪومت پاران اعلان ڪيل مارڪ اپ سبسڊي جي حوالي سان صرف ڪجهه هفتن ۾ هيستائين آسان قرضن جي لاءِ 8 هزار کان وڌيڪ درخواستون ملي چڪيون آهن جنهن مان تقريبن 2 هزار جي لڳ ڀڳ (1820) منظور ٿي چڪيون آهن ۽ منظور ٿيل قرض جو ماپو پ??ج ارب روپيا آهي