لاهور – 15 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ پنجاب ۾ زرعي پيداوار جي ص??احيت ۾ اضافي ۽ ويليوچين جي حوالي سان اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن محمد حماد اظهر، مخدوم خسرو بختيار، پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان احمد بوزدار، صوبائي وزيرن سيد حسين گرديزي، محمد سبطين خان، وڏي وزير جي اطلاعات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اع??اڻ ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. پنجاب جي وڏي وزير جي ص??احڪار ڊاڪٽر سلمان شاهه زرعي پيداوار ۾ وزيراعظم جي ويزن موجب اضافي ۽ ويليو چينز جي فروغ جي حوالي سان تجويزن تي ب??يفنگ ڏني. وزيراعظم کي آبادگارن جي مالي مدد جي لاءِ آبادگار ڪارڊ جاري ڪرڻ تي به بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته پنجاب حڪومت زرعي پيداوار جي ص??احيت ۽ معيار کي بهتر ڪرڻ جي لاءِ هر زرعي پروڊڪٽ جي ويليو چين جي لاءِ ڌار ۽ جامع ايڪشن پ??ان جوڙي.