اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڀارت جي بي بنياد ۽ من گهڙت مهم جو مقابلو حقيقتن سان ڪيو وڃي، عوام ۽ عالمي بر??دري آڏو ڀارت جو اصل چهرو آندو وڃي، ڀارتي ميڊيا جي منفي پروپئگنڊه کي ناڪام بڻائڻ ۽ عوام ۾ شعور اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کنيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان جي خلاف جا??ي ڀارتي پروپئگنڊه خاص طور تي ڀارتي ميڊيا پاران جا??ي هائبرڊ وار في??ر جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.