اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب سڄي ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي ٻي لهر سبب وڌيڪ 85 ماڻهو زندگي جي بازي هارائي ويا، اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي متاثر مريضن جو ??عداد 4 لک 67 هزار 222 ٿي ويو آهي، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر وڌيڪ 2 هزار 152 ??يس رپورٽ ٿيا، 24 ڪلاڪن دوران 39 هزار 435 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن کانپوءِ ايڪٽو ڪيسز جو ??عداد 38 هزار 511 ٿي ويو آهي، انهي دوران ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 85 فوتگيون ٿي??ن، سڄي ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوت ٿيندڙن جو ??عداد 9 هزار 757 ٿي ويو آهي، ڪورونا سبب متاثر 4 لک 18 هزار 958 مريض صحتياب ٿ??ا، سڄي ملڪ ۾ 1824 ماڻهو صحتياب ٿ??ا جڏهن ته 2382 ماڻهن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، واضح رهي ته هن وقت آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، بلوچستان ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪو به مريض وينيٽليٽرز تي نه آهي.