اسلام آباد – 28 – جون (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته ??سرائيلي فورسز جي هٿان معصوم فلسطنين جي قتل عام جو سلسلو جاري آهي، اسرائيلي فوج انسانيت جي خلاف ڏوهن جي مرتڪب ٿي آهي. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته پاڪستان اسرائيلي فوج پاران اتر غزه جي بيت لاهيا شهر تي انڌاڌنڌ بمباري جي شديد مذمت ڪر?? ٿو جنهن ۾ عورتن ۽ ٻارن جي شهادت ٿي آهي. هن چيو ته پاڪستان اسرائيل جي قدمن کي غزه جي ماڻهن جي خلاف جنگي ڏوهه قرار ڏي ٿو. ترجمان شهرين جي وڌيڪ مارجڻ کي روڪڻ جي لاءِ ??ور?? ۽ غيرمشروط جنگبندي جي ??ور?? ضرورت تي زور ڏنو. هن ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪشميرين جي جمهوري حقن کي مسلسل دٻائڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ڀارتي عملدارن ڪجهه ڏينهن اڳ ڄمون ۽ ڪشمير هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي چونڊن ت?? پابندي هڻندي بار ايسوسيئيشن جي اڳوڻي صدر ميان قيوم کي گرفتار ڪر?? ورتو آهي. ترجمان چيو ته ??ن کان اڳ عيدالاضحيٰ جي موقعي تي ڪشميرين کي سرينگر جي تاريخي جامع مسجد ۽ عيدگاهه ۾ عيد نماز جي لاءِ گڏ ٿيڻ جي اجازت نه ڏني وئي جڏهن ته ناليواري ڪشميري اڳواڻ مير واعظ عمر فاروق کي پڻ گهر ۾ نظربند ڪيو ويو. هن چيو ته ??هي جابراڻا قدم ڀارتي عملدارن جي آمراڻي طرز عمل جو هڪ ٻيو مثال آهن ۽ بنيادي آزادين ۽ انساني حقن جي خلاف ورزي آهي. ترجمان چيو ته ??سان ڀارتي عملدارن تي زور ڏريون ٿا ته ??هي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ڪشميري عوام جي انساني حقن ۽ انهن جي فتح نه ٿيڻ جوڳي خودمختياري جي حق جو احترام ڪن. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.