اسلام آباد – 15 جون (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته سرڪاري ملازمن کي 23 جون ??ائ??ن هن مهيني جي پگهار ڏيڻ لاءِ هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن، ايس ڊي جيز ۾ ايم اين ايز جي ترقياتي منصوبن جا فنڊز نان ليپس ايبل ا??ائ??نٽ ۾ وجهڻ لاءِ قانون واري وزارت ۽ اٽارني جنرل سان مشاورت ڪن??اسين. قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ۽ ميمبرن طرفان اٿاريل نقطن جو جواب ڏيندي ناڻي واري وزير چيو ته بجيٽ بابت ??يف بي آر جي واپاري ۽ فني ڪميٽين جي حوالي سان نظرثاني ڪئي وئي آهي جنهن جا تفصيل هن ايوان ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. ناڻي واري وزير چيو ته سندس ڪيترين ئي وزارتن ۽ کاتن عيدالاضحيٰ کان اڳ سرڪاري ملازمن کي پگهار جي ادائيگي لاءِ رابطوڪيو آهي، ناڻي واري وزير چيو ته هن ان حوالي سان ناڻي واري سيڪريٽري کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن ته سمورن سرڪاري ملازمن کي 23 جون جمعي ??ائ??ن هن مهيني جي پگهار ادا ڪئي وڃي ته جيئن ملازم عيد جي حوالي سان پنهنجون ضرورتون پوريون ڪري سگهن. هن چيو ته ناڻي واري وزارت ۽ ??يف بي آر جون ٽيمون قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي کانسواءِ ڪميٽين ۾ به موجود آهن جيڪي ميمبرن طرفان بجيٽ تي بحث جو هڪ هڪ نقطو نوٽ ڪري رهي آهي، ان ۾ عمل جوڳين تجويزن کي بجيٽ ۾ شامل ڪيو ويندو، هن چيو ته قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ ناڻي واري مملڪتي وزير به موجود رهندي آهي، هن چيو ته ايس ڊي جيز ۾ ايم اين ايز جي منصوبن جا فنڊز نان ليپس ايبل ا??ائ??نٽ ۾ منتقل ڪرڻ لاءِ هو قانون واري وزارت ۽ اٽارني جنرل سان مشاورت ڪن??ا ڇاڪاڻ ته ان حوالي سان هڪ قانون موجود آهي جڏهن ته سپريم ڪورٽ جو هڪ فيصلو به آهي، ان کان اڳ عبدالاڪبر چترالي، غوث بخش مهر ۽ انجنيئر صابر حسين قائم خاني اعتراض واري نقطي تي چيو ته ايس ڊي جيز ۾ ايم اين ايز جي ترقياتي فنڊز 30 جون تي ليپس ٿي رهيا آهن، انهن فنڊن کي نان ليپس ايبل ا??ائ??نٽ ۾ منتقل ڪيو وڃي، انهن ميمبرن بجيٽ تي بحث دوران ناڻي واري وزير جي ٽيم جي موجودگي جو به مطالبو ڪيو.