اسلام آباد – 03 فيبروري (اي پي پي) و??ير??عظم عمران خان چيو آهي ته موثر ۽ فعال بلدياتي نظام ملڪي ترقي جو ??ام?? هوندو آهي، فعال بلدياتي نظام جي ذريعي عوام جا ڪيترائي مسئلا انهن جي چائٺ تي حل ڪري سگهجن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنجاب ۾ ايندڙ بلدياتي چونڊن جي حوالي سان ٿيندڙ اجلاس جي صدارت ڪ??دي ڪيو، و??ير??عظم عمران خان چيو ته بلدياتي نظام جو مقصد اختيارن جي هيٺين سطح تي منتقلي آهي، هن زور ڏنو ته ان نظام جي ڪاميابي لاءِ ضروري آهي ته معاشري جي سمورن طبقن خاص طور تي عورتن، نوجوانن، آبادگارن ۽ واپارين کي هڪ جهڙي نمائندگي ڏني وڃي. اجلاس ۾ وفاقي وزير مخدوم شا??ه محمود قريشي، شفقت محمود، خسرو بختيار، اسد عمر، فواد چوڌري، حماد اظهر، خصوصي مددگار ڊاڪٽر شهباز گل شرڪت ڪئي. پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار ۽ صوبائي وزير مخدوم هاشم جوان خان، محمد بشارت راجا ۽ ميان محمود ا??رش??د وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا.