اسلام آباد – 12 مئي (اي پي پي) صدر ڊا??ٽر عارف علوي 10 هون قومي ماليا??ي ڪميشن (اين ايف سي) ايوارڊ جوڙي ڇڏيو آهي. ناڻي واري وزارت ۾ قائم اين ايف سي سيڪريٽريٽ پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب صدر 1973ع جي ??ئين جي ??رٽيڪل (1) 160 تحت 23 اپريل 2020ع کان 10 هون قومي ماليا??ي ڪميشن ايوارڊ جوڙي ڇڏيو آهي. وزيراعظم جو ناڻي ۽ اقتصادي معاملن وارو صلاحڪار ڊا??ٽر عبدالحفيظ شيخ اين ايف سي ايوارڊ جو چيئرمين هوندو، سنڌ جو ناڻي وارو وزير، پنجاب جو ناڻي وارو وزير، بلوچستان جو ناڻي وارو وزير، خيبرپختونخواهه جو ناڻي وارو وزير ڪميشن جا ميمبر هوندا، ٻين ميمبرن ۾ وزيراعظم جو ناڻي ۽ اقتصادي معاملن وارو صلاحڪار، طارق باجوه (پنجاب)، ڊا??ٽر اسد سعيد (سنڌ حڪومت)، مشرف رسول (خيبرپختونخواهه حڪومت)، جاويد جبار (بلوچستان حڪومت) شامل آهن، ناڻي وارو وفاقي سيڪريٽري اين ايف سي جو سرڪا??ي ماهر (آفيشل ايڪسپرٽ) هوندو.