اسلام آباد – 18 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاش?? اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان پنجاب جي چيف سيڪريٽري ۽ پنجاب جي آءِ جي کي ذخيره اندوزن، ناجائز منافعي خورن جي نشاندهي ۽ انهن کي سزائون ڏيڻ جي حوا??ي سان قدمن جي هدايت ڪئي آهي، هن مشڪل صورتحال ۾ جيڪي ماڻهو ذخيره اندوزي ڪري رهيا آهن انهن کي بي نقاب ڪيو ويندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاش?? اعواڻ چيو ته وزيراعظم عمران خان ڊيره غازي خان جي سينٽرل ڪنٽرول روم ۾ ايران مان آيل زائ??ين جي لاءِ قرنطينه ۾ ڪيل انتظامن جو جائزو ورتو.