اسلام آباد – 20 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته مضبوط صوبا مضبوط وفاق جي علامت آهن ۽ ان سلسلي ۾ سينيٽ جو ڪردار مرڪزي حيثيت رکي ٿو جيڪو وفاق ۾ صوبن جي حقن ل??ءِ آواز اٿاريندو آهي، سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي اهڙن خيالن جو اظهار پشاور ۾ قبائلي علائقن ۽ اڳوڻي فاٽا جي چڱن مڙسن جي وفد سان هڪ ??يه?? ۾ ڪيو.