اسلام آباد – 09 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪرپشن جي خلاف جهاد ۾ پوري قوم شريڪ آهي، ماضي ۾ اهو پسئو جيڪو عوام جي ڀلائي تي خرچ ٿيڻو هو، مني لانڊرنگ جي ذريعي ٻاهر کڻي وڃي محلاتون ٺاهيون ويون، ڪڪ بيڪس ۽ ڪميشن جي لاءِ اهڙا م??صو??ا شروع ڪيا ويا جنهن جي ??رو??ت ئي نه هئي، ڪرپٽ قومون ڪڏهن به ترقي نٿيون ڪري سگهن، ڪرپشن سان ملڪي ترقي ۽ معيشت متاثر ٿيندي آهي ۽ عوام جي زندگي جون ??رو??تون مهانگيون ٿي وينديون آهن، ڪرپٽ معاشرن ۾ سيڙپڪاري ناهي ايندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بدعنواني جي خا??مي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنجاب حڪومت طرفان اينٽي ڪرپشن ايپ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.