اسلام آباد –07 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پاڪستان ۾ ايندڙ عام چونڊن جي حوالي سا?? گڏيل قو??ن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر جي آفيس جي ريمارڪس تي ميڊيا جي سوال جي جواب ۾ چيو آهي ته پاڪستان هڪ جامع جمهو??ي عمل کي فروغ ڏيڻ، قانون جي حڪمراني کي برقرار رکڻ ۽ انساني حقن ۽ بنيادي آزادين جي تحفظ جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهي جنهن ??ي ضمانت ان جي قانونن ۽ آئين ۾ ڏني وئي آهي. پرڏيهي آفيس موجب جاري بيان ۾ هن چيو ته پاڪستان جي چونڊ قانونن موجب 8 فيبروري تي چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ سيڪيورٽي پلانز کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي. هن چيو ته اسان جو عدالتي نظام منصفاڻو ٽرائل ۽ مباسب عمل فراهم ڪري ٿو، چونڊ عمل ۾ ڪنهن ??ه شڪايت جي صورت ۾ ملڪي قانونن جي ذريعي انهن ??و قانوني حل موجود آهي.