اسلام آباد – 09 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ??يو آهي ته ڪورنا وائرس جي صورتحال کي ڏسندي نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر صوبن جي مشاورت سان لاڪ ڊائون ختم ڪرڻ يا وڌائڻ جو فيصلو ڪندو، حالتون لائحه عمل کي بدلائي سگهن ٿيون، جيڪڏهن ڪورونا وائرس جي پکيڙ ۾ شدت پيدا ٿئي ٿي ته ان کان به وڌيڪ سخت هدايتون لاڳو ڪرڻيون پونديون، 14 اپريل کان پهرين آئنده جي لائحه عمل ??و اعلان ڪي?? ويندو. ميڊيا بريفنگ دوران هڪ سوال جي جواب ۾ خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ??يو ته عوام جي سلامتي ۽ تحفظ اولين ترجيح آهي، ڪ??رونا وائرس جي جيڪا صورتحال هلي رهي آهي ان کي نظر ۾ رکندي ماهرن جي ٽيم ڪم ڪري رهي آهي.