پتراجايا – 04 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ۽ سندس ملائيشين هم منصب ڊ??ڪٽ?? مهاتير محمد ٻنهي ملڪن ۾ مضبوط اقتصادي تعاون تي ٻڌل لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ واپار ۽ سيڙپڪاري جي موقعن کي استعمال ۾ آڻڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ٻنهي اڳواڻن پي ايم آفيس پتراجايا ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي واپار، سيڙپڪاري، دفاع، قانون لاڳو ڪرڻ، سياحت ?? تعليم جي شعبن ۾ گڏيل تعاون کان آگ??هي ڏني.