اسل??م آباد – 16 آگسٽ (اي پي پي) عورتن جي تعليم لاءِ سرگرم ڪارڪن ملاله يوسفزئي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين کي ٽيليفون ڪيو ۽ افغانستان ۾ عورتن جي حقن ب??بت عالمي خدشن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ تعليم جي فروغ ل??ءِ پنهجو تعاون جاري رکندو، پاڪستان افغان پناهگير ٻارن کي تعليمي سهولتون فراهم ڪري رهيو آهي، هن وقت 6 هزار ??ي لڳ ڀڳ افغان ٻار پاڪستان ۾ تعليم پرائي رهيا آهن. ملاله يوسفزئي چيو ته افغانستان ۾ عورتن جي تعليم لاءِ پاڪستان پنهنجو ڪردار ادا ڪري، هن چيو ته مون وزيراعظم پاڪستان کي افغانستان ۾ عورتن جي تعليم لاءِ پاڪستان ج?? ڪردار جي حوالي سان به خط لکيو آهي.