اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) چين، ترڪي، آمري??ا، فرانس، جاپان، ڀارت، ابوظهبي، افغانستان، سريلن??ا، هانگ ڪانگ سميت سڄي دنيا جي پاڪستاني سفارتي مشنز ۾ پاڪستان جو ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو. اڱاري ڏينهن ٻاهرين ملڪ پاڪستاني سفارتي مشنز ۾ پاڪستان ڏهاڙي جون تقريبون منعقد ٿيون. ان موقعي تي قومي جهڊو بلند ڪيو ويو ۽ صدر ۽ وزيراعظم جا پيغام پڙهي ٻڌايا ويا. پاڪستاني سفيرن ۽ شرڪت ڪندڙن ان ڏينهن جي اهميت کي اجاگر ۽ تحريڪ پاڪستان جي اڳواڻن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. 81 هين يوم پاڪستان جي موقعي تي بيجنگ ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ جهنڊو ڦڙڪائڻ جي تقريب منعقد ٿي، تقريب ۾ پاڪستاني برادري جي ميمبرن ۽ چين ۽ پاڪستاني ميڊيا جي نمائندن سميت مهمانن جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي. پاڪستان جي سفير ??عين الحق تحريڪ پاڪستان جي اڳواڻن کي خراج تحسين پيش ڪيو. 23 مارچ 1940ع جي اهميت کي اجاگر ڪندي هن چيو ته هي اهو ڏينهن هو جڏهن ڏکڻ ايشيا جي مسلمانن قائداعظم محمد علي جناح جي متحرڪ قيادت ۾ پنهنجي لاءِ ڌار ملڪ بڻائڻ جو فيصلو ڪيو. پاڪستاني سفير غير ??انوني ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪش??ير جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ ڪش??ير ڪاز لاءِ پنهنجي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکڻ جو عزم ورجايو.