اسلام آباد – 02 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر محمد فيصل ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته ڪو به پرڏيهي اڳواڻ عمران خان جي حلف برداري ۾ شرڪت نه ڪندو، نئين چونڊيل وزيراعظم جي حلف برداري جي تقريب جو انعقاد سادگي سان ڪ??و ويندو. خميس ڏينهن هفتيوار پريس بريفنگ دوران خيالن جو اظهار ڪندي پرڏيهي ترجمان چيو ته عالمي مبصرين 2008ع کان پاڪستا?? ۾ ??ونڊن جو جائزو وٺي رهيا آهن، افغانستان بابت هڪ سوال جي جواب ۾ ترجمان چيو ته گذريل هڪ سال دوران پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ رابطن ۾ تيزي آئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ ??اڳ??پن ۾ بهتري ٿي آهي، هڪ چيو ته افغان مسئلي جو حل سياسي آهي ۽ ان مسئلي کي فوجي طاقت جي ذريعي حل نٿو ڪري سگهجي، افغان تڪرا?? جي پائيدار حل لاءِ سفارتڪاري کي ترجيح ڏيڻ گهرجي.