برلن – 19 جنوري (اي پي پي) جرمني ۾ پارليامنٽ جي ميمبرن پناهگيرن لاءِ قا??ون وڌيڪ سخت ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آه??. ا??دو نيوز مطابق نئين قا??ون جي منظوري سان پناهه وٺڻ جي ڪوشش ڪندڙن کي واپس موڪلڻ جو طريقو بهتر بڻايو پيو وڃي. جرمن چانسلر اولف شولز جي مرڪزي کاٻي ڌر جي قيادت واري حڪومت نون ايندڙن کي روڪڻ لاءِ نون قا??ونن ۽ قاعدن جي حمايت ڪئي آهي. گهرو وزير نينيسي فيزر چيو آهي ته قا??وني مسودي سان پناهگيرن جي واپسي جي عمل کي بهتر بڻايو پيو وڃي ۽ اسان اهو يقيني بڻائي رهيا آهيون ته اهڙن ماڻهن جن کي ملڪ ۾ ترسڻ جو قا??وني حق ناهي، انهن جي واپسي جو عمل تيزي سان ٿئي. هن چيو ته پناهه جو حق نه رکندڙ ماڻهن کي انهن جي اباڻي ملڪ ۾ واپس موڪلڻ سان اهڙن ماڻهن لاءِ وسيلا فراهم ٿيندا جن کي پناهه جي ضرورت آهي. متعارف ڪرايل نون سخت قاعدن سان پوليس کي اهڙن ماڻهن جو ڳولا جو اختيار مليو آهي جن کي جرمني ڇڏڻ جو حڪم ڏنو ويو هوندو.