اسلام آباد – 11 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي اڻٿڪ ڪوششن ۽ مع??شي ٽيم جي ڏينهن رات محنت سان معيشت کي صحيح رخ ۾ گامزن ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيا آهيون، پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ذاتي کيسا ڀرڻ بدران قومي ناڻو ڀريو پيو وڃي، اقتصادي ۽ مع??شي قدمن سان سيڙپڪاري کي فروغ ۽ صنعتي ترقي جا موقعا وڌندا، هلندڙ مالي سال دوران واپاري خساري ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي، مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا وڌي رهيا آهن، روانگي واپار ۾ 4 سيڪڙو اضافو جڏهن ته فيڊرل بورڊ آف روينيو جي ٽيڪس اوڳاڙين ۾ 16 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ا??تصادي مع??ملن واري ڊويزن جي وفاق?? وزير حماد اظهر، وزيراعظم جي ناڻي ۽ روينيو واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ ش??خ، وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي مع??ون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ۽ فيڊرل بورڊ آف روينيو جي چيئرمين سيد شبر زيدي چيو ته قومي معيشت صحيح رخ ۾ گامزن آهي ۽ عوام کي ا?? جا ثمر منتقل ڪرڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي تحت قدم کنيا پيا وڃن ته جيئن قومي روانگي واپار کي فروغ ملي ۽ ملڪ ۾ صنعتي، واپاري ۽ اڏاوتي سرگرمين کي وڌائي سگهجي.