اسلام آباد – 10 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پي آءِ اي جي يورپ جي لاءِ ا??امن جي بحالي کانپوءِ پيرس جي لاءِ پهرين اڏام جي روانگي تي عوام کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پي آءِ اي جي يورپ جي لاءِ ا??ام جي بحالي سان ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪ??تا??ين کي سهولت ٿيندي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪ??تا??ي سڌوسنئون اڏامن مان فائدو کڻي سگهندا. اڏامن جي بندش سان قومي ايئر لائينز کي اربين ڊالر جو نقصان ۽ ان جي ساک متاثر ٿي. الله جي فضل ۽ ڪرم سان حڪومت قومي ايئر لائينز جو تشخص بحال ڪيو. وزيراعظم چيو ته يورپ اڏامن جي بحالي کانپوءِ پي آءِ اي ترقي طرف گامزن آهي. ان حوالي سان نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، هوابازي ۽ دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، ل??ڳاپيل سمورا ادارا، ان جا آفيسر ۽ اهلڪار ساراهه جي لائق آهن.