اسلام آباد – 09 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته م??ڪ ۾ ڊيجيٽل ٽرانزيڪشن جي فروغ سان ملڪي معيشت مستحڪم ٿيندي، شموليتي سيڙپڪاري ۾ سمورن ش??بن خاص طور تي عورتن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، ڪرپشن کان بچاءُ، ڪارڪردگي ۾ اضافي ۽ نظم ۽ ضبط تي ڌيان ڏيڻ سان ملڪ کي ??رقي جي راهه تي گامزن ڪري سگهجي ٿو، موجوده حڪومت روزگار ۽ تعليم جا برابر موقعا فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، انهن ش??بن ۾ اڻبرابري ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن شموليتي سيڙپڪاري پاڪستان ايڪسپو 2020ع ??ي افتتاحي تقريب کي ??طاب ڪندي ڪيو.