اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته والاريل ڪشمير ?? انسانيت هر ڏينهن مري رهي آهي، ڪشميرين جو آواز دٻايو پيو وڃي، پاڪستان آ??از بڻجندو. پرڏيهي وزارت ۾ ڪاري ڏينهن جي جي موقعي تي سيمينار کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته ڪشمير رڳو پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ تڪرار نه آهي پر ڀارت?? غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ?? انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي روڪٿام جي لاءِ گڏيل انسانيت جي لاءِ هڪ آزمائشي امتحان آ??ي. پرڏيهي وزير چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير ?? ظلمن جي انتها ڪري ڇڏي آهي ۽ ڪشميري عوام کي بدترين نوعيت جو غيرانساني سلوڪ جو نشانو بڻايو پيو وڃي.