اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪراچي جا پراڻا مسئلا ان وقت تائين حل نه ٿا ٿي سگهن جيستائين ڪراچي جي عوام جي چونڊيل مقامي حڪومت جا نمائندا آئين جي روح موجب مالي، سياسي ۽ انتظامي طور تي خ??دمختيار نه ٿين. وفاقي حڪومت آئين جي آرٽيڪل 140 اي تي ان جي روح موجب مڪمل عملدرآمد جي حامي آهي. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب هن اٽارن?? جنرل کي هدايت ڪئي ته آرٽيڪل 140 اي تحت سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ داخل پٽيشن جي جلد ٻڌڻي ۽ فيصلي جي لاءِ اعليٰ عدليه کي فو??ي طور تي درخواست ڪئي وڃي.