لاڙڪاڻو – 17 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان لاڙڪاڻي ۾ احساس ايمرجنسي ??يش ڊسٽريبيوشن سينٽر جو دورو ڪيو. ??نڌ جو گورنر عمران اسماعيل ۽ خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر پ?? وزيراعظم سان گڏ هئا. خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر وزيراعظم کي ٻڌايو ته احساس ايمرجنسي ??يش پروگرام تحت ??نڌ ۾ 60 ارب رپ??ا ورهايا پيا وڃن، ??نڌ جي 50 لک خاندانن کي احساس ڪيش ڏنو پيو وڃي. وزيراعظم جي هدايت موجب احساس ڪيش پروگرام ۾ ??نڌ جو حصو 22 سيڪڙو مان وڌائي 31 سيڪڙو ڪيو ويو آه?? ته جيئن اهي خاندان فائدو کڻي سگهن جيڪي مستحق ۽ ضرورتمند آه??. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته رڳو لاڙڪاڻي جا هڪ لک 50 هزار خاندان احساس ڪيش جي سهولت مان فائدو کڻندا. انهن هڪ لک 50 هزار خاندانن مان هيستائين هڪ لک 15 هزار خاندانن کي مدد ڏني وئي آه??. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته احساس ايمرجنسي ??يش پروگرام تحت رڳو لاڙڪاڻي ۾ 2.2 ارب رپ??ا مستحق خاندانن ۾ ورهايا ويندا. لاڙڪاڻي ۾ ڪيش ڊسٽريبيوشن جي لاءِ 36 سينٽر قائم ڪيا ويا آه??.