اسلام آباد – 20 ج??وري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي اڳوڻي صد?? سردار سڪندر حيات خان ۽ اڳوڻي وزيراعظم بئريسٽر سلطان محمود چوڌري ملاقات ??ئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ سردار سڪندر حيات خان وزيراعظم عمران خان کي سڄي دنيا ۾ ڪشمير مسئلي کي ڀرپور ۽ موثر انداز ۾ اجاگر ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ وزيراعظم عمران خان جي ??يادت تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو.