اسلام آباد – 27 جون (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ وزيراعظم عمران خان جي علائقائي سلامتي، رابطن ۽ امن ۽ استحڪام جي ويزن تحت افغان صدر جي پاڪستان جي دوري کي اهم قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪ – افغان ??الهين دوران ٽرانزٽ ٽريڊ، علائقائي رابطا، خطي ۾ امن، سلامتي ۽ استحڪام سميت وسيع تر معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ عملي قدمن جي ضرورت کي اجاگر ڪيو ويو، پاڪستان افغانستان سان پنهنجي روانگي واپا?? کي 3 ارب ڊالر تائين وڌائڻ چاهي ٿو، افغان صدر جو دورو ٻه طرفي لاڳاپن کي مثبت رخ ۾ اڳتي وڌائڻ جو ذريعو بڻجندو، وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ پاڪستان دنيا سان جامع رابطن کي فروغ ڏئي رهيو آهي، علائقائي رابطا ان سلسلي جي پهرين ڪڙي آهن. هو ا??غان صدر اشرف غني جي پاڪستان جي دوري جي حوالي سان ميڊيا سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪري رهي هئي.