اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اس??يڪ?? اسد قيصر سان ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملڪي معاشي صورتحال خاص طور تي قب??ئلي ضلعن بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان کانسواءِ آبادگارن کي درپيش مسئلن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. قومي اسيمبلي جي اس??يڪ?? چيو ته ڪنهن به صورت ۾ آبادگارن جو استحصال برداشت نه ٿو ڪري سگهجي، انهن جي مفادن جي لاءِ سمورا قدم کنيا ويندا. هن هدايت ڪئي ته تمباڪو جي آبادگارن کان تمباڪو جي خريداري ۾ رڪاوٽن کي ختم ڪيو وڃي ڇو ته فصلن جي وقت سر خريداري نه ٿيڻ جي ڪري آبادگارن جي مشڪلاتن ۾ اضافو ٿئي ٿو. اس??يڪ?? حڪومت جي قب??ئلي عوام ۽ غريبن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ جي قدمن کي ساراهيو. ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين چيو ته ا??وڻ?? فاٽا جي سمورن ضلعن جي ترقي ۽ اتان جي عوام جون محروميون ختم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، قب??ئلي ضلعن ۾ معاشي سرگرميون شروع ٿيڻ سان روزگار ملندو. هن چيو ته ڪامياب جو??ن پروگرام سان قب??ئلي نوجوانن کي روزگار ڏينداسين. ناڻي واري وزير چيو ته ا??وڻ?? فاٽا جو ترقياتي پئڪيج چونڊيل قب??ئلي قيادت ۽ عوام جي مشاورت سان اڳتي وڌايو ويندو، ڪامياب جو??ن پروگرام ذريعي قب??ئلي ضلعن جي نوجوانن کي قرض ڏينداسين ته جيئن اهي پنهنجو روزگار شروع ڪري سگهن ۽ معاشي لحاظ ک??ن پنهنجي پيرن تي بيهي سگهن. اس??يڪ?? چيو ته نئين ضلعن ۾ صحت انصاف ڪارڊ جاري ڪرڻ قب??ئلي عوام جي لاءِ حڪومت جو تمام وڏو تحفو آهي.